لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جون اڳئين مرحلي ۾ پهچڻ جون اميدوون برقرار، اسلام آباد يونائيٽڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سلام آباد پهرين بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن تي 142 رسون ٺاهيون. فرحان 26، ڪائل مائرس 18، ڪولن منرو 11، سلمان آغا 4، شاداب خان 15، اعظم خان 8، سعد مسعود 1، عماد وسيم 10 ۽ نسيم شاهه 1 رنسن ٺاهي آئوٽ ۽ بين ڊارشس 33 تي ناٽ آئوٽ رهيو. محمد علي 3، ليوڪ وود، جوزف، احمد دانيال، صائم ايوب ۽ حسين طلعت هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پشاور بابر ۽ معاذ صداقت جي ففٽيني جي مدي سان 16.4 اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ورتو. اوون 6، صائم 1، حارث 13، معاذ 55 رنسون ٺاهي آئوٽ ۽ بابر 49 بالن تي 53 ۽ ميڪس برائٽ 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. معاذ مين آف دي ميچ رهيو.