ميرپورخاص(بيورورپورٽ)3 مھينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي زندگين کي خطرو ، خوف سبب دربدري جي زندگيءَ گذارڻ تي مجبور بڻيل، مائٽن  سميت پوليس اھلڪار ۽ ھڪ وڪيل جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي اھڙو اظهار سامارو واسڻ مسمات روشن کوسو پنھنجي مڙس نبي سر واسي غلام اڪبر کوسو سان گڏ تحفظ لاءِ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ، مسمات روشن کوسو وڌيڪ چيو ته والد سندس مرضي جي خلاف ٻي ھنڌ شادي ڪرائڻ ٿي چاهي پر آئون غلام اڪبر کوسو سان محبت ڪندي آھيان جنھن ڪري ٽي مھينا اڳ اسان ٻنھي گھران نڪري مٺي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي، والد لال خان کوسو ، محمد کوسو ،يونس کوسو، سجاد کوسو، بلاول کوسو ، وڪيل ميان بخش کوسو، سميت ٽالھي ٿاڻي تي مقرر پوليس اھلڪار عاشق چانڊيو، عاشق کوسو پاران مختلف وقتن تي اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري منھجي ڏيرن ۽ مڙس تي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد زوري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته آئون پنھنجي مڙس سان خوش زندگي گذاري رھي آھيان پر ڄاڻايل ماڻھن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي خوف سبب اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون ، ناري وڌيڪ چيو ته مائٽن  پاران ڪوڙن ڪاغذن  ذريعي اسان ٻنھي کي ناني ڏوھٽو جو رشتو ڄاڻائي  ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪو سراسر ڪوڙو آھي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي