سنڌ ڌرتيءَ جيڪا دنيا ۾امن، پيار، ڀائيچاري جو پيغام ڏيندڙ صوفين جي سرزمين آهي، جنهن ۾رهندڙ ڪروڙين سنڌين سدائين امن، پيار، ڀائيچاري جي فضا قائم رکي آهي، جڏهن ته سنڌ جي پاڪستان سان حب الوطني جي به ھڪ وڏي تاريخ رھي آھي ، موٽ ۾ سنڌين سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ويو آهي، پر پوءِ به سنڌ واسين پاڪستان جي قيام واري ٺھراءُ کان وٺي اڄ تائين پنهنجي ملڪ پاڪستان جي بقاءَ جي جدوجھد ڪئي آهي، انھيءَ تي ايندڙ ھر ، مشڪلاتن کي سنڌ پنھنجون مشڪلاتون سمجهي ساٿ ڏنو آهي، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي، ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اڄ به جاري آهي، سنڌ ڌرتيءَ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتيءَ آهي، جنهن جي سيني ۾ دنيا جي ھر نعمت موجود آهي ، اناج کان ويندي، سون تائين، تيل گئس کان ويندي ڪوئلي تائين ، ھر قدرتي وسيلن سان مالامال ھي ڌرتي الائي ڇو ترقي جي راھ ۾پوئتي پيل آهي ، پر پوءِ به ھي صوفين درويشن جي مهان سرزمين سدائين پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي پاڪستان کي پاليو آهي ،پاڪستان جي ننڍن صوبن جي وسيلن تي ھميشه وڏي ڀاءُ پاران ڌاڙا ھنيا ويا آهن ، پر پوءِ به سنڌ ڌرتيءَ صبر جو دامن نه ڇڏيو آهي ، سنڌ جي گئس ڪوئلو ناڻي ، تيل تي راتاهو هڻڻ کان ويندي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھميشه پنجاب پاران ھنيو ويندو آهي ، پاڪستان ۾صرف پنجاب جي حڪمراني جي اھميت ھوندي آھي ، باقي ننڍن صوبن کي زبردستي پنجاب جي مفادن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ، جڏهن ته ھاڻي صورت حال آخري حد تائين پهچي وئي آهي ، جڏهن گرين پاڪستان جي نالي تي پنجاب جا ريگستان آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌوءَ درياءَ مان ڪئنالن ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، حڪمران طبقي جي انھيءَ ظالماڻي فيصلي سان ، سنڌ جي لکين ايڪڙ سرسبز شاداب ڌرتيءَ بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ ڌرتيءَ جا ضلعا ، ٺٽو ، سجاول بدين ، ميرپور خاص ، ٽنڊو محمد خان ، کان به سمنڊ زمين ڳڙڪائي اڳتي نڪري چڪو آهي ، انھن ضلعن ۾جر جو پاڻي به خطرناڪ حد تائين کارو ٿي ويو آهي، جيڪو پيئڻ جو لائق به ناهي رهيو ، کارو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهن سميت جانور پکي به بيمارين سبب مري رهيا آهن ، جڏهن ته ڪن علائقن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن ، اھڙي صورتحال ۾ پنجاب جي حڪمران طبقي جي مفادن جي خاطر وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ مان ڇھه نوان ڪئنال ڪڍڻ جو خطرناڪ فيصلو ڪري ، ڪروڙين سنڌين کي بک اڃ وگهي تڙپي تڙپي مارڻ جي سازش ڪري رهي آهي ، جڏهن سنڌ سمورين سازشن ، ناانصافين جي اسيمبلين اندر ، ٻاھر وقت به وقت احتجاج ڪيا آهن ، ٺھراءَ پاس ڪيا آهن ، پر حڪمران طبقي جي سنڌي عوام جي احتجاج سان ڪن تي جون به نه ٿي سري ، ائين حڪمران طبقي پنجاب جي سامراجي قوتن جون سازشون وڌي وڃي، ست ڪروڙ سنڌين جي جياپي جي ذريعي سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي تائين پھتيون ، سنڌ جي عوام جي نمائندگيءَ ڪندڙ سنڌ اسيمبلي ڪئنالن جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو، سنڌ سان واسطو رکندڙ اسيمبلي ميمبرن قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽر سينيٽ ۾آواز اٿاريو ، ڪئنالن جي خلاف احتجاج ڪيو ، پر پنھنجي ھوڏ تي قائم حڪمران طبقي سنڌ جي عوام جي آواز کي نه ٻڌو ته پوءِ سنڌ جي عوام سنڌ ۾رهندڙ سمورن ماڻهن ڪئنالن جي خلاف جدوجھد شروع ڪئي ته پنجاب جي حڪمران طبقي انھيءَ دانھن جو درمان ڪرڻ جي بجاءِ مذاق شروع ڪيو ، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ جو ڪوڙو ،رينگٽ شروع ڪيو ، جڏهن ته گذريل ڪيتري ئي مھينن کان سنڌوءَ درياءَ مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن جي خلاف سنڌ احتجاج ڪري رھي ھئي، سنڌ جي ھر شھر جي گھٽي گھٽي ۾ احتجاج ڪيو ويو، واھڻ وستيون احتجاج ڪري رهيون هيون ۽ ڪري رھيون آھن ، پر حڪمران طبقي سنڌ جي عوام جي احتجاج تي ڪن ئي نه ڏنو ، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سنڌ احتجاج ۾ سدائين تاريخ رقم ڪئي آهي ، پوءِ اھو جھموريت آئين جي بحالي جي لاءِ تحريڪ ھجي، ڪالاباغ ڊيم جي خلاف تحريڪ ھجي ، ھر تحريڪ ۾ جدوجهد جي ميدان سنڌ ڌرتيءَ صفحي اول جو ڪردار ادا ڪيو آهي ، جڏهن سنڌ جي عوام پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سنڌو درياءَ جي تحفظ جي جدوجھد ڪري رھي آھي، ته اسان سنڌ واسين سوچيو ھيو ته حڪمران طبقو پاڪستان ۾پرامن عوامي جدوجھد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ، پنهنجي سنڌو درياءَ دشمن ڪئنالن تان ھٿ کڻي ويندو پر ، ھو ھوڏ ئي ضد تي قائم رھيا ، پوءِ سڄي سنڌ رستن تي نڪري احتجاج جو دائرو وڌايو آهي ، انھيءَ جي لاءِ وڪيل برادري جيڪا ھر ، پرامن عوامي جدوجھد ۾ پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ، انھيءَ ھنن سنڌ دشمن ڪئنالن جي تعمير جي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھنيو ، جيڪو چئن ڏينهن کان جاري آهي ، پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي رهيو آهي ، جتي ھزارين ماڻھو پنھنجي مفادن کي قربان ڪري سنڌو درياءَ جي تحفظ جي لاءِ ميدان جدوجهد ۾شامل آهن ، اسان کين سندن جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا ، انھن سمورن جوڌن سنڌ جي سپوتن ، بھادر بيباڪ ماڻھن کي جيڪي درياءَ ۽ ڌرتي جي بقا جي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪري رهيا آهن ، ڪئنالن جي خلاف اٿندڙ ھر آواز ، کي سنڌ جو آواز سمجھون ٿا ، پاڪستان ۽ پنجاب جي حڪمران طبقي جن اڄ تائين جاري سنڌ واسين جي احتجاج جو تماشو ڏسي رهيا ھئا ، مختلف جواز پيش ڪري رهيا ھئا ، ته ھاڻي اسان انهن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات جي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪري ڏيکاريو آهي ، ته ظالم حڪمرانو سنڌ جي عوام جڏهن به ميدان تي نڪتو آهي ، ته مخالفن جا سمورا ھوش حواس خطا ٿي ويندا آهن ، ڪلھه جيڪو تاريخي جدوجهد جي ميدان ۾وڪيلن پاران ٻبرلوءِ ۾ ڌرڻو ھنيو ويو هو ، اڄ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي ، پنجاب پرست ، حڪمران طبقي کي شڪست سامھون نظر اچي رھي آھي ، انھن وٽ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ کان سواءِ ھاڻي ڪو رستو بچيو ئي ناهي، اگر اڃا به ھن رياست ۽ سياست تي حڪمراني ڪندڙن ھوش کان ڪم نه ورتو ، ته پوءِ شايد ھي سڄي سنڌ جي گھٽي گھٽي ٻبرلوءِ بڻجي ويندي ، جڏهن سنڌ جي گھٽي گھٽي ٻبرلوءِ بڻجي وئي ته پوءِ پنجاب جي عوام به ميدان تي نڪري ايندو ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي اڳ ۾ئي احتجاج جي ور چڙهيل آهن، جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ٻبرلوءِ جو روپ اختيار ڪيو ته پوءِ اسلام آباد ۾ويٺل حڪمران طبقي جو سڪون برقرار رھي نه سگھندو، انھيءَ ڪري حڪمرانن کي پنهنجي ملڪ سان سچائيءَ وفائي جو مظاهرو ڪندي سنڌ دشمن ڪئنالن جو تڪراري منصوبو ختم ڪرڻ جو جلدي اعلان ڪرڻ گهرجي، جيئن صوبن جي وچ ۾نفرتون پيدا نه ٿين، سنڌ ڪيترن ئي مهينن کان پرامن جدوجهد ڪري رهي آهي، جڏهن پرامن جدوجهد جي ذريعي ڪنهن جو آواز ٻڌڻ جي بجاءِ دٻايو ويندو آهي ته پوءِ انھيءَ جو فائدو ملڪ دشمن قوتن کي ٿيندو آهي ، ھو انھيءَ کي ملڪ جي خلاف نفرتن جي صفن ۾شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انھيءَ ڪري وقت جي اھم ضرورت آهي، سنڌ دشمن ڪئنالن جو تڪراري منصوبو ختم ڪري ملڪ ۾ استحڪام آندو وڃي، سنڌ ڌرتيءَ جي وسيلن تي قبضن جو سلسلو ھاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ، ھاڻي سنڌ کي حق حاڪميت ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي ، حڪمران طبقي سان سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي، وڪيلن سنڌ جي جياپي جي جدوجھد ۾ جيڪو نئون روح ڦوڪيو آهي ، انھيءَ سان سنڌ جي عوام کي رليف حاصل ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي جدوجھد ھاڻي سياسي مفادن جي ميدان مان نڪري سنڌ جي مفادن جي طرف رخ رکيو آهي ته سنڌ کي ھاڻي پنهنجي وارثي پاڻ ڪرڻ واري جڳھه تان واپس نه موٽڻ گھرجي، سنڌين جي جياپي جي جدوجھد ھاڻي ڪاميابي جي راھ طرف گامزن آهي، جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي، سنڌ جي عوام جي احتجاج جو قدر ڪندي پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت سميت اسان جي پياري اسٽيبلشمنٽ کي فوري طور تي سنڌ دشمنن تڪراري ڪئنالن واري منصوبي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ ھي سنڌي عوام جو طوفان ، حڪمران طبقي کي شڪست ڏئي ڇڏيندو ، ته پوءِ حڪومت کي اقتدار تان ھٿ کڻڻو پوندو، سنڌ جي وڪيلن سميت سنڌ جي باشعور عوام کي پنهنجي دانشمندي سان ھن تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ گهرجي ، ھن تحريڪ کي پرامن بڻائڻ سان ئي ڪاميابيءَ ماڻينداسين، سنڌ واسين کي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي تحفظ جي جدوجھد کي گھٽي گھٽي ۾ وسيع ڪرڻ گهرجي، سڄي سنڌ ٻبرلوءِ بڻجي وڃي ، ھر سنڌي وڪيلن جيان ميدان ملھائي، جيئن سنڌ پنھنجي تاريخي جدوجهد جي ڪاميابي تحريڪي واري روايت برقرار رکي سگهي ، پر امن سنڌين جي جياپي جي احتجاج جو تماشو ڏسندڙ ليگي سرڪار کي سبق سيکارڻ گهرجي ، جيئن ھو سنڌ جي عوام جي احتجاج جي سامھون ڳالھائڻ بيھڻ جي جرئت ئي نه ڪري سگھن ۽ تاريخ ساز حوالا ڏيڻ شروع ڪن ، ته جياپي ۽ درياءَ بچائڻ جي جدوجھد ڪير ڪرڻ چاهي ته سنڌ واسين جي جدوجھد مان سبق حاصل ڪري، بس ھاڻي حڪمران طبقي کي ڪئنالن جو اعلان واپس وٺي وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي نه ته تاريخ ۾ سندن ڪردار به ڪئنالن جيان تڪراري بڻجي ويندو ،