لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو تڪراري ڪئنالن خلاف لڳايل ڌرڻن ۾ پوليس طرفان لاٺي چارج ڪري گرفتاريون ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪئي آهي. ان حوالي سان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ آصف علي چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻا هڻي احتجاج ڪندڙ ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين ماڻهن مٿان پوليس حملي پوليس جي حملي جي سخت مذمت ڪجي ٿي. احتجاج ڪندڙ سنڌو درياءَ  تي غيرقانوني ڪئنالن جي اڏاوت خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، ڪئنالن جو مسئلو ماحولياتي بقا جو انتهائي اهميت وارو مسئلو آهي، هن چيو ته احتجاج جو حق بنيادي ۽ جمهوري اصول آهي، احتجاج جي جائز اظهار کي زبردستي سان دٻائڻ جو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اهو جمهوري حقن جي وڏي ڀڃڪڙي آهي. سنڌو درياءَ رڳو پاڻي جو وهڪرو ناهي، اهو پوري تهذيب جي حياتي جي شهه رڳ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ملوث ذميوار پوليس عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.