ڪوئيٽا (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته  پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ويو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پرڏيهي پٺڀرائي سان ٿيندڙ دهشتگردي بلوچستان جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو جِي ايڇ ڪيو ۾ نيشنل ورڪشاپ بلوچستان ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هاڻوڪيون ۽ مستقبل جون ترقياتي رٿائون گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، بلوچستان جو عوام ڪيترن ئي رٿائن جي نتيجن مان سڌي ريت لاڀ وٺي رهيو آهي، بلوچستان ۾ سول سوسائٽي جي ڀائيواري سان ترقي ۽ خوشحالي جو عمل وڌيڪ سگهارو ٿيندو، شرپسند ڌريون تشدد ۽ خوف سان بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ گهرن ٿيون، پر سندن ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا، آءِ ايس پي آر موجب ورڪشاپ ۾ بلوچستان سان واسطو رکندڙ پارليامينٽ ميمبر، بيورو ڪريٽ، سول سوسائٽي، نوجوان، تعليمي ماهر ۽ ميڊيا جا نمائندا شريڪ هئا.