اسلام آباد(م ڊ) گهرو آفيس قانوني دستاويزن جي تصديق لاءِ اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب سومر کان پرڏيهي کاتي ۾ قانوني ڪاغذن جي تصديق وارو عمل ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. ترجمان موجب، پرڏيهي کاتي طرفان تعليمي سند، قانوني دستاويز ۽ ڪمرشل دستاويز جي تصديق شروع ڪئي ويندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته شهري ڪاغذن جي تصديق لاءِ پرڏيهي وزارت جي واڪ ان طريقيڪار مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا، شهري پرڏيهي وزارت جي لاهور ۽ ڪراچي ۾ به ڪاغذن جي تصديق لاءِ وڃي سگهن ٿا. ان کانسواءِ پرڏيهي وزارت دستاويزن جي تصديق لاءِ اڳواٽ اپائنٽمينٽ جو شرط پڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت طرفان دستاويزن جي تصديق لاءِ نون اگهن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، فهرست موجب، ذاتي ۽ تعليمي سندن جي في دستاويز جي تصديق لاءِ ٽي هزار رپيا ڏيڻا پوندا ، قانوني دستاويز 4500 رپين ۽ ڪمرشل دستاويز 12 هزار رپين ۾ تصديق ڪئي ويندي.