اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي ٻيڻ تي ادائگين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ اختيارين مطابق ٻيڻي ادائگي سبب آفيسرن کي پنج ملين کان وڌيڪ ادائگيون ڪيون ويون. جنهن تي ڪاميٽي جي ميمبرن ناراضگي جو اظهار ڪيو، پرڏيهي وزارت جي اختيارين چيو ته انهن آفيسرن کي خبر ئي نه هئي ته آفيسرن جي ٻيڻي پگهار اچي رهي آهي. ميمبر ڪاميٽي افنان الله چيو ته اها ته ڪاميٽيءَ کي بيوقوف بڻائڻ واري ڳالهه آهي. پي اي سي چيئرمين  چيو ته اوهان اُن وقت پگهار واپس ڇو نه ڪئي.؟ چيئرمين پي اي سي هڪ مهيني ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي. آڊٽ اختيارين ڪاميٽي کي ٻڌايو ته بلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني 9 ڪروڙ 70 لک جون رسيدون جمع ناهن ڪرايون. آڊٽ اختيارين مطابق مرڪزي اڪائونٽ سان گڏ هڪ ٻيو اڪائونٽ کوليو ويو. پرڏيهي آفيس جي اختيارين پاران غلطي جو اعتراف ڪندي چيو ويو ته ان قسم جي غلطي ٻيهر نه ٿيندي. ڪاميٽي ميمبر نويد قمر چيو ته پرڏيهي وزارت ڪي قدم کنيا آهن؟ حنا رباني کر آڊٽ پيرا ٺاهڻ تي اعتراض واريو. عمر ايوب چيو ته 58 ارب جو قرض ري شيڊول ٿيو آهي ان کي واپس ڪرڻو آهي. جنيد اڪبر چيو ته اهو معاملو سنگين نوعيت جو آهي، رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت سان گڏ ناڻي واري وزارت کي به گهرايو ويندو. پي اي سي اقتصادي معاملن واري وزارت جي آفيسرن کي 52 ملين اضافي پگهار ڏيڻ جو معاملو اُڪلائي ڇڏيو. ڪاميٽي پرڏيهي وزارت جي آڊٽ اعتراضن بابت ڊپارٽمينٽل اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس نه گهرائڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. پي اي سي چيئرمين جو ناڻي واري سيڪريٽري جي غيرموجودگيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري سيڪريٽري کي آءِ ايم ايف جي وفد سان ڳالهين کانپوءِ ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي وئي. عمر ايوب خان چيو ته قرضن جي انگن اکرن بابت بريفنگ ڏني وڃي. ڊالر جي گهٽ وڌ ٿيڻ متعلق به اقتصادي معاملن واري وزارت جا اندازه درست ناهن. غير ملڪي قرضن متعلق پي اي سي جو خصوص اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.