اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي واپاري خساري ۽ امپورٽ ۾ واڌ، ايڪسپورٽ گهٽجي وئي، وفاقي شماريات کاتي انگ اکي جاري ڪندي چيو آهي ته اپريل ۾ واپاري خسارو ماهوار بُنياد تي 55 سيڪڙو وڌي 3 ارب 38 ڪروڙ 80 لک ڊالرز ٿي ويو، ايڪسپورٽ 19 سيڪڙو گهٽتائي سان 2 ارب 14 ڪروڙ 10 لک ڊالر رَهِي، جولاءِ کان اپريل تائين ايڪسپورٽ 6 سيڪڙو وڌي 26 ارب 85 ڪروڙ 90 ڊالرز تي پهچي وئي، جڏهن ته شماريات بيورو هفتيوار شين جي اگهن ۾ واڌ بابت رپورٽ ۾ چيو آھي گذريل هفتي دوران عام واهپي جي 51 شين مان 12 شين جي قيمتن ۾ واڌ ، 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 28 شين جون قيمتون برقرار رهيون گذريل هفتي آنن جي درجن جي قيمت 235 رپين مان وڌي 248 رپيا ٿي وئي ائين زنده  مرغي جي في ڪلو جي 386 کان وڌي 393 رپيا ,11.67 ڪلو جي ايل پي جي سلينڊر جي قيمت 3283 رپين کان وڌي 3317 رپيا، ڪيلن، گڙ ، ڊٻل روٽي، دال مڱ، کنڊ، جانورن، گوشت، پٽاٽن، ڪپڙن جي قيمتن ۾ واڌي ٿي جڏهن بصر ، ٽماٽر، ادرڪ ، دال ماش ، اٽي ، گيهه ، دال مسور ، دال ڄڻا جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آھي.