اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته راندين جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين، نوجوان ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندا آهن، محدود وسيلن جي باوجود نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، پوري قوم ملڪ جو نالو روشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل ڏينهن 60 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو، دوست ملڪن جي معاونت سان معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، نوجوانن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو، نوجوانن جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خصوصي معاون شزا فاطمه خواجه کانسواءِ رانديگرن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن پنهنجي محنت سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمايو آهي جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.