اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪندڙن کي 6 مهينن لاءِ بزنس ويزا 24 ڪلاڪن ۾ ڏنيون وينديون، وفاقي ڪابينا بزنس، انويسٽر ۽ ورڪ ويزا پاليسي ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪونسل (ايس آءِ ايف سي) جي سفارش تي پاڪستاني مشن پنجن سالن لاءِ بزنس ويزا به 24 ڪلاڪن ۾ جاري ڪرڻ جي پابند هوندي، هڪ سال جون شارٽ ٽرم انويسٽر ويزا به 24 ڪلاڪن ۾ جاري ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ويزا پاليسي ۾ ترميم جي منظوري غير ملڪي سرمائيڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڏني وئي، وفاقي ڪابينا 103 ملڪن لاءِ ويزا پاليسي ۾ ترميم جي منظوري بذريعه سرڪوليشن ڏني، اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪونسل جي سفارش تي ويزا پاليسي ۾ ترميمون تيار ڪيون ويون آهن. ايس آءِ ايف سي جي سفارش تي 6 مهينن لاءِ بزنس ويرا فوري تي جاري ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي جي سفارش تي 3 سالن جي انويسٽر ويزا 24 ڪلاڪن ۾ جاري ٿيندي، 5 سالن لاءِ انويسٽر ويزا گهرو وزارت 10 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ جي پابند هوندي. جڏهن ته سال لاءِ ورڪ ويزا گهرو وزارت سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ هڪ مهيني اندر جاري ڪندي.