اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس، غيرملڪي سيڙپڪارن لاءِ آسان ويزا اسڪيم جو اعلان، ٽيڪس چوري، بجلي چوري، ڊالر ۽ عام واهپي وارين شين جي ذخيره اندوزي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا، نگران حڪومت غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي واپسي لاءِ پاليسي جوڙي ورتي. نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪاميٽي جو پنجون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ هڪ هزار ماڻهن جا نالا اِي سِي ايل ۾ وجهڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نگران وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٽيڪس چوري، بجلي چوري، ڊالر ۽ عام واهپي وارين شين جي ذخيره اندوزي روڪڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ذريعن موجب اجلاس ۾ مختلف شعبن سان واڳيل هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو، مختلف کاتن جي خراب ساک رکندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي بابت به غور ويچار ڪيو ويو، پرڏيهي سيڙپڪارن کي  سهولتون ۽ سڪيورٽي ڏيڻ بابت مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي،اجلاس ۾ وزارتن چيلنجز تي ضابطي لاءِ جامع منصوبا پيش ڪيا، پڌرائي موجب ايپڪس ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته سمورا فيصلا ملڪي مفادن ۾ ڪيا ويندا، اسمگلنگ ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وزارتون عوامي ڀلائي ۽معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اجلاس بعد نگران وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل نئين ويزا رجيم بابت اهم فيصلا ڪيا آهن، غيرملڪي سيڙپڪارن کي با آساني ويزا فراهمي ممڪن بڻائي ويندي، انهن قدمن سان پاڪستان ڪاروبار ۽ معيشت جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پڌرائي موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير اقتصادي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن جي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءِ ڪيو, ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته نگران حڪومت غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي واپسي لاءِ پاليسي جوڙي ورتي، وزيراعظم ٽاسڪ ڏنو آهي ته رجسٽريشن کي 95 سيڪڙو تائين پهچائڻو آهي،  يقيني بڻايو ويندو ته بي فارم تحت ئي ٻارن کي اسڪول ۾ داخلا ڏني وڃي، اسمگلنگ سبب ملڪي معيشت تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ به اسمگلنگ جو وڏو ڪارڻ هو، وفاقي ايجنسين افغان تجارت ۾ اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڏيون ڪاميابيون ملنديون، گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بندوق جي زور تي ڪنهن کي پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهن به قسم جو تشدد قبول نه ڪيو ويندو، ملڪ ۾ اسمگلنگ خلاف مهم جاري آهي، وفاق ۽ صوبا گڏجي اسمگلنگ خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، غيرقانوني پرڏيهين بابت پاليسي جوڙي آهي، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته نئين ويزا رِجيم لاءِ اهم فيصلا ڪيا آهن، ويزا پاليسي کي واپار دوست بڻايو ويو آهي، ايف آءِ ايف سي جي قيام سان ملڪ اندر سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وڌي آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس چيو ته پاڪستان جا لاڳاپا رڳو خطي نه پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مضبوط ٿي رهيا آهن، نار ملڪن کان سيڙپڪاري اچي رهي آهي، جيڪا اسان جي معاشي ترقي لاءِ اهم هوندي، جي سي سي ملڪن به سيڙپڪاري جي خواهش ڏيکاري آهي، قوم کي جلد خوشخبري ملندي، واپاري برادري کي ڊگهي مدي واري ويزا ڏني ويندي آءِ ٽي بابت نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته ٽيڪس جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، جنهن سان معيشت کي دستاويز بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نگران وفاقي وزير قانون ۽ ماحولياتي تبديل عرفان اسلم چيو ته پاڻي جي بچت بابت جامع پاليسي جلد آندي ويندي