موهن جو دڙو(ن پ ا)چيڪ ريپبلڪ کان 12 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم تهذيب موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. پرڏيهي وفد موهن جو دڙو جو مکيه نشان اسٽوپا، گريٽ باٿ مختلف تهذيبي آثار ۽ ميوزيم دلچسپيءَ سان گهمي ڏٺا. پرڏيهن جي دوري دوران سيڪيورٽي انتظام سخت رکيا ويا. پرڏيهي سياحن جي وفد کي موهن جو دڙو تي مقرر عملدارن تاريخ تهذيب ۽ هتان جي قديم جاگريافيائي اهميت بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وفد تاثرات ڏيندي چيو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا جي تهذيبن ۾ هندوري جهڙي حيثيت رکي ٿي. هنن چيو ته هي قديم تهذيب مصر جي ميسو پوٽيما تهذيب سميت ٻين تهذيبن کان وڌيڪ ناياب ۽ وڌيڪ اهميت رکي ٿي. پرڏيهن چيو ته هتان جي ماڻهن سندن تمام گهڻي گرمجوشيءَ سان سندن استقبال ڪيو آهي، جيڪو عمل قابل تعريف آهي. وفد ۾ وڏي عمر جون عورتون ۽ مرد شامل هئا.