ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) تعليم کاتي دادو پاران  پرڏيهه ۾ رهندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ  واري  معاملي جي انڪوائري مڪمل، آفر آرڊر رد ڪري،  تعليم کاتي جي رٽائرڊ ٿيل ٻن آفيسرن سوڌو سليڪشن ڪاميٽي جي چئني ميمبرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي. تعليم واري کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پي ايس ٽي اميدوار عبدالوحيد ملڪ پنهنجي ڀاءُ جي هم شڪل هجڻ جو فائدو وٺي، آفر ليٽر حاصل ڪيو، پر جوائننگ جي مرحلي ۾ پڪڙجڻ بعد سندس جوائننگ روڪي، انڪوائري بعد آرڊر رد ڪيو ويو. جوهي واسي نادر علي رند جيڪو 29 جنوري تي پاڪستان آيو هو ۽ پنهنجو آرڊر 16 مئي تي هن پاڻ وصول ڪيو، جنهن بعد هن سول اسپتال دادو مان پنهنجو ميڊيڪل ڪرايو ۽ پوليس ويريفيڪيشن ڪرائي، جنهن بعد هن جوائننگ وارو مرحلو مڪمل ڪري، ٻيهر 23 جون تي واپس  پاڪستان کان ٻاهر هليو ويو، جون ۽ جولاءِ جي ويڪيشن ۽ بعد ۾ برساتن جي ڪري اسڪول بند هئا ته خبر نه پئجي سگهي هئي، جڏهن هو پوسٽنگ آرڊر هڪ مهيني تائين کڻڻ لاءِ نه پهتو ته هن جو آرڊر ڪينسل ڪيو ويو. معاملو ميڊيا تي  آيو ته انڪوائري پڻ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر اميدوار کي ڊي آر سي جي آڏو پا پيش ٿيڻو هو ۽ هن جي ڪاغذن جي تصديق ڊي آر سي کي ڪرڻي هئي، پر ڊي آر سي ۾ شامل ڊي اي او پرائمري ارشد علي پنهور ۽  ڊي اي او عبدالقادر لاشاري سميت اي ڊي سي ون دادو ياسين عباسي ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر غلام فاطمه غفلت ڪئي انهن کي هٽايو وڃي ۽ ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊي اي اوز ارشد علي پنهور ۽ عبدالقادر لاشاري رٽائر ٿي چڪا آهن. رابطو ڪرڻ تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ٻڌايو ته ٻنهي اميدوارن جا آرڊر ته ڪينسل انهي دوران ئي ٿي ويا هئا جو هڪ اميدوار جوائننگ دوران پڪڙجي ويو هو ۽ ٻيو پنهجو آرڊر کڻڻ لاءِ آيو ئي ڪونه هو، پر ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪاميٽي جي ميمبرن کان به ڪجهه  غلفت ٿي آهي، انهي ڪري اسان خط لکي ايس اينڊ جي اي ڊي کي ياسين عباسي ۽ غلام فاطمه خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي،  باقي رٽائرڊ ٿيل آفيسرن خلاف اسان جو ڊپارٽمينٽ ڪارروائي ڪري سگهندو، اهي هاڻي ئي رٽائرڊ ٿيا آهن.