اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ احسن جميل گجر ۽ فرح عرف گوگي جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي، نيب احسن گجر ۽ فرح گوگي جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، ڪابينا جي اي سي ايل بابت ڪاميٽي منظوري ڏني. واضح رهي ته احسن گجر ۽ سندس گهرواري فرح گوگي هن وقت ٻاهرين ملڪ ويل آهن ، ٻنهي جو نالو اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب عثمان بزدار سان جوڙيو ويندو رهيو آهي ۽ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي فرح گوگي ويجهي دوست آهي.