اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهه ۾ مقرر 34 ٽريڊ آفيسرن کي سفارتي اسٽيٽس ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب پرڏيهي وزارت واپار واري وزارت کي خط لکي ٽريڊ آفيسرن کي سفارتي اسٽيٽس بابت آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزارت 34 آفيسرن کي گهرڀاتين سوڌو سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، پرڏيهي وزارت مقررين جي منظوري بعد نئين ٽريڊ آفيسرن کي سفارتي اسٽيٽس ڏنو.