پرٿ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کان هوم سيريز کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي. پرٿ اسٽيڊيم ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي هڪ ڀيرو ٻيهر آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني جيڪو فيصلو درست ثابت ٿيو ۽ پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي ميزبان ٽيم کي رڳو 140 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. ميٿيو شارٽ 22، جيڪ فريزر ميڪ گرڪ 7، آرون هارڊي 12، ڪپتان جوش انگلس 7، مارڪس اسٽوئنس8، گلين ميڪسويل 0، شان ايبٽ 30، ايڊم زمپا 13 ۽ لانس مورس 0 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪوپر ڪونولي زخمي ٿيڻ سبب 7 رنسن تي رٽائرڊ هرٽ ٿيو.
نسيم شاهه، 3 شاهين شاهه آفريدي 3 حارث رئوف 2 ۽ محمد حسنين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. قومي ٽيم 141 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. اوپنر عبدالله شفيق 37 ۽ صائم ايوب 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته محمد رضوان 30 ۽ بابر اعظم 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ٻئي وڪيٽون لانس مورس حاصل ڪيون. پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي. ميچ ۽ سيريز ۾ شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.