پرٿ ( اسپورٽس نيوز ) پهرين اننگز ۾ 150 رنسن تي ڍير ٿيڻ باوجود ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين اوهان جي ميچ تي پڪڙ ڪنهن حد تائين مضبوط ٿي سگهي؟ اِهو منظر اوهان کي پرٿ جي ميدان تي ڀارتي ٽيم جي صورت ۾ نظر ايندو، ڀارت، آسٽريليا خلاف ٻي اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 172 رنسون ٺاهي، ڪينگروز خلاف 218 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، پرٿ ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن 17 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ اِهو سمجهيو ويو ته بيٽرن لاءِ هيءَ هڪ ڏُکي وڪيٽ ثابت ٿيندي پر ٻي اننگز ۾ ڀارتي اوپنرن يشسوي جئسوال ۽ ڪي ايل راهول سڀ اڳڪٿيون غلط ثابت ڪري ڇڏيون، آسٽريليا ۾ ڀارتي اوپنرن جي ٻي سڀ کان ڊگهي ڀائيواري جوڙي، 1986ع ۾ گواسڪر ۽ سريڪانت وچ ۾ 191 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي هئي،ٻئي ڏينهن جي شروعات آسٽريليا ست وڪيٽن جي نقصان تي 67 رنسن سان ڪئي پر ماني جي وقفي تائين ڀارت باقي بچيل ٽئي وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون ۽ آسٽريليا کي 104 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. ڪپتان جسپريت بمرا پنج، پهرين ميچ کيڏندڙ هرشيت رانا ٽي ۽ محمد سراج ٻه وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت ڀارت کي آسٽريليا خلاف 46 رنسن جي سرسي حاصل ٿي، جئسوال 90 رنسن سان آسٽريلوي سرزمين تي پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪرڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 62 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي.