پرٿ (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ بارڊر – گواسڪر ٽرافي ۾ بالرن تباهي مچائي ڇڏي،پهرئين ڏينهن 17 وڪيٽون ڪِري پيون، ڀارتي ٽيم پنهنجي پهرين 150 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا به 67 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. پرٿ ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، نوجوان اوپنر يشسوي جئسوال ۽ ڪي ايل راهول اننگز جي شروعات ڪئي، آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز پنهنجي تيز بالنگ سبب ميزبان ٽيم جي بيٽرز کي آزاديءَ سان کيڏڻ جو موقعو نه ڏنو. ڀارتي اننگز جي ٽئين اوور ۾ ئي 5 جي مجموعي اسڪور تي جئسوال مچل اسٽارڪ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ نئون ايندڙ بيٽر دودت پڊيڪل جوش هيزل ووڊ جو پهريون شڪار بڻيو، ٻئي بيٽر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا. اڳوڻو ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي به گهڻي دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيو ۽ پنجن رنسن تي جوش هيزل ووڊ جي بال تي عثمان خواجا کي ڪيچ ڏئي ويٺو، آسٽريلوي بالنگ اٽيڪ خلاف مزاحمت ڪندڙ ڪي ايل راهول به 47 جي مجموعي اسڪور تي 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنٿ 37 ۽ ڊيبيو ڪندڙ نتيش ڪمار ريڊي 41 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته پوري ڀارتي ٽيم پهرين اننگز ۾ 150 رنسن تي ڍير ٿي ويئي. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ زبرست بالنگ جو مظاهرو ڪندي چار، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ مچل مارش ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ 14 رنسن تي آل رائونڊر نيٿن ميسڪويني کي بمرا ايل بي ڊبليو ڪري ڇڏيو، عثمان خواجا اٺ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. اڻويهه رنسن جي مجموعي اسڪور تي سڀ کان تجربيڪار بيٽر اسٽيو سمٿ به بمرا جي پهرئين ئي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ٽرويس هيڊ به رڳو 11 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، هو هرشيت رانا پهرين ٽيسٽ وڪيٽ بڻيو. مارنس لبوشين ٻه، مچل مارش ڇهه ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 67 رنسون ٺاهي ورتيون، وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايلڪس ڪيري 19 ۽ مچل اسٽارڪ 6 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا، آسٽريليا کي ڀارت خلاف پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 83 رنسون گهربل آهن. ڀارتي ڪپتان جسپريت بمرا آسٽريلوي بيٽرن جون متيون منجهائي ڇڏيون، هن زبردست اسپيل هلائيندي چار شڪار ڪيا، جڏهن محمد سراج ٻه ۽ هرشيت رانا جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. واضح رهي ته پرٿ ٽيسٽ ۾ ڪپتان روهت شرما جي غير موجودگيءَ ۾ فاسٽ بالر جسپريت بمرا ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، شرما ذاتي مصروفيتن سبب ٻي ٽيسٽ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.