پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو. ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14 ڊسمبر کان پرٿ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان خلاف آسٽريلوي ٽيم جو اڳ ئي اعلان ٿي چڪو هو، جڏهن ته پهرين ميچ لاءِ هاڻ قومي ٽيم جو اعلان به ڪيو ويو آهي. پرٿ ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي قيادت شان مسعود ڪندو، جڏهن ته عامر جمال ۽ خرم شهزاد ڊيبيو ڪندا. ٻين رانديگرن ۾ امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، سرفراز احمد، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، شاهين آفريدي شامل آهن. پاڪستان ٽيم ۾ ڪو ريگيولر اسپنر شامل ناهي، سلمان علي آغا پارٽ ٽائم اسپنر طور فرض انجام ڏيندو.