پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي فل ڪورٽ ٻڌڻي

0
68
غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي تڙڻ وارو فيصلو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي 29هين چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کانئس عهدي جو قسم کڻايو. حلف برداريءَ جي ان تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، ملڪ جي اهم شخصيتن ۽ ججن شرڪت ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر نه ورتو ۽ هن پروٽوڪول ۽ گاڏي وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نئين چيف جسٽس مقرري کانپوءِ جنهن پهرئين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اهو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 آهي. چيف جسٽس فل ڪورٽ جوڙي ڪيس جي سماعت ڪئي، جيڪا ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميڊيا تي لائيو ڏيکاري وئي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي عهدي جو حلف ان وقت کنيو آهي، جڏهن کيس ڪئين چئلينج انصاف جي سرشتي کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان درپيش آهن. سڄي دنيا ۾ اسان جي انصاف جي سرشتي جي شهرت بهتر نه رهي آهي. ان ڪري دنيا جي انصاف جي سرشتن ۾ اسان جي رينڪنگ بنهه هيٺين ڏاڪن تي رهندي آئي آهي، جيڪا ڪيترن ئي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿي. سپريم ڪورٽ جي جج طور جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ساک سٺي رهي آهي ۽ ان مان هن ملڪ جي عوام کي انصاف جي نظام جي بهتري جي حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون آهن. ان ڪري هن جي اڳيان وڏو چئلينج هن ملڪ جي انصاف جي سرشتي جي رينڪنگ بهتر ڪرڻ هوندو ته جيئن ماڻهن جو انصاف جي سرشتي تي اعتماد بحال ٿئي. ماضيءَ ۾ ڪجهه اهڙا قدم پڻ کنيا ويا، جنهن ملڪي انصاف جي سرشتي تي ڪيترائي سوال اٿاريا، خاص طور تي هم خيال ججن جون بينچون جڙڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ اها هاڻي ڪا ڳجهي ڳالهه نه رهي آهي ته بينچن جي جوڙجڪ ۾ سينيئر جج نظر انداز ٿيندا رهيا ۽ ان رويي جو شڪار خود موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڻ رهيو. ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ جي جج هوندي به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پنهنجي لاءِ پاڻ انصاف طلب ڪرڻو پيو.

ملڪي انصاف جي سرشتي کي جيڪو گهڻو نقصان پهتو، اهو جڊيشل ايڪٽيوزم جي ڪري پهتو ۽ خاص طور تي سوئو موٽو جو اختيار به اختيارن جون حدون اورانگهڻ جي حوالي سان سوالن جي نشاني تي رهيو. هن ملڪ جو وڏو مسئلو ادارن طرفان اختيارن جو حدون اورانگهڻ پڻ رهيو آهي. ادارن طرفان هڪٻئي جي اختيارن ۾ مداخلت جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ هڪ ڇڪتاڻ شروع ٿي وڃي ٿي، هڪ بحران جنم وٺي ٿو ۽ اهو بحران ڪيترن ئي ٻين بحرانن کي جنم ڏئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ انتظامي افراتفري جا لقاءَ نظر اچن ٿا. اهڙا منظر ملڪ جي عالمي سطح تي بدناميءَ جو سبب بڻجندا رهيا آهن. ملڪ جي عدالتي سرشتي جي حوالي سان هڪ ڳالهه جيڪا سوالن جي زد ۾ رهندي آئي آهي ۽ جيڪا حقيقت پڻ آهي ته انصاف جي سرشتي ۾ ملڪ جي اشرافيه کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي، ايتري قدر جو عدالتي وقت کانپوءِ، رات جي وقت يا موڪل جي ڏهاڙن ۾ پڻ عدالت لڳائي انهن کي رليف ملندو رهيو آهي پر ٻئي پاسي عام ماڻهو اهڙي رعايت کان محروم آهن. رعايت پري جي ڳالهه، ايتري قدر جو ڦاسيءَ جي ڪيسن ۾ جيڪي اپيلون ٿين ٿيون، انهن جا فيصلا به دير سان ٿين ٿا، ان ڪري عدالتي سرشتي جي طبقاتي هجڻ جو تاثر سگهارو ٿيو آهي.

اعليٰ عدالتن ۾ هڪ وڏو مسئلو ججن جي مقرري جو پڻ آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اڳيان هڪ اهم مسئلو اهو پڻ هوندو ته ججن جي مقرري عالمي معيارن موجب ڪئي وڃي. جڏهن ججن جي مقرري معيار موجب ٿيندي ته اهي فيصلا به اعليٰ معيار جا ڏيئي سگهندا. اها تمام سٺي ڳالهه آهي جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پروٽوڪول وٺڻ توڙي گاڏي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو سادگي جو مثال قائم ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪيڏو نه سٺو ٿئي، جو ان سٺي قدم جي تقليد اسان جي انصاف جي سرشتي ۾ سمورن ججن طرفان ٿئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان اهم ڪيس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي لائيو ڪوريج ڪئي وئي آهي ۽ عام طور تي ان کي نه صرف سڄي ملڪ جي ماڻهن ڏٺو آهي پر ميڊيا جي دريءَ مان ان کي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويو آهي. ظاهر آهي ته لائيو ڪوريج کانپوءِ “کلي عدالت لڳائڻ” جو تاثر پيدا تيو آهي، عوام ان تي تبصرا به آزاديءَ سان ڪندو، جنهنڪري ايئن نه ٿئي جو وري انهن تي “توهينِ عدالت” جا ڪيس مڙهي کين گهليو وڃي.