اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آئيني بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي خلاف چيئرمين پي ٽي آءِ بيريسٽر گوهر علي سميت ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرڊيننس کانپوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ۾ پارليامينٽ قانونسازي ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار جي وڪيل آرڊيننس جي تحت ڪاميٽي جي ايڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته قانون اچي وڃي ته آرڊيننس پاڻمرادو ختم ٿي ويندو آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرڊيننس تحت ٺهيل ڪاميٽي ختم ٿي وئي. ڪاميٽي جي فيصلن کي پاس اينڊ ڪلوز ٽرانزيڪشنز جو تحفظ آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين صدر پاڪستان کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو. چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف بيرسٽر گوهر علي خان، افراسياب خٽڪ، احتشام الحق ۽ اڪمل باري آرڊيننس خلاف درخواستون داخل ڪرايون هيون.