ممبئي ( شوبزنيوز ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر راگهو چڍا جي شادي جو ڪارڊ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ ڀارتي ميڊيا ٻنهي خانداني ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي هئي ته جوڙي جي شادي جي تقريب 23 سپٽيمبر تي ٿيندي جڏهن ته هاڻي ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن، پرينيتي ۽ راگهو جي شادي جون تقريبون17 سپٽيمبر کان شروع ٿينديون. جوڙي جي شادي 23 ۽ 24 سپٽيمبر تي راجسٿان جي شهر اديپور جي هوٽل ليلا پئلس ۽ ادايا ولاز ۾ ٿيندي، شادي عاليشان پنجابي ريتن رسمن تحت ٿيندي جنهن ۾ سياستدانن سميت بالي ووڊ انڊسٽري جي اٽڪل سمورن ماڻهن کي دعوت ڏني ويندي.