ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا فرحان اختر ۽ رتيش سڌواڻي جي پروڊيوس ڪيل ويب شو “انسائيڊ ايج” ۾ هڪ ڪردار جي ناڪاري حصي تي پنهنجي راءِ جو کليل اظهار ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو ڪردار پريتي زنٽا جي زندگي کان متاثر آهي جنهن تي اداڪارا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پريتي زنٽا فرحان ۽ سندس پارٽنر رتيش سان ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته سندن دوست هجڻ جي باوجود سندس مشوري کانسواءِ اهي ويب شو تي اهڙو مواد ڏيکاري رهيا آهن، جيڪو حقيقت کان پري آهي.  پريتي سوال ڪيو ته طاقتور عورتن کي فلمن يا ويب سيريز ۾ هميشه خراب انداز ۾ ڇو پيش ڪيو ويندو آهي. پريتي زنٽا افسوس جو اظهار ڪيو ته “انسائيڊ ايج” ۾ صرف انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي خراب پاسن تي ڌيان ڏنو آهي، حقيقي ڪامياب رانديگرن جي ڪهاڻين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.