هلندڙ سال جُون مهينيءَ ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار اسيمبليءَ فلور تي پريا ڪماريءَ جي جلد واپسيءَ جي سنڌ واسين کي خوشخبري ۽ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي هئي، اِن سان گڏ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، توڙي موجوده ڊي آءِ جي پير محمد شاهه پڻ پريا ڪماريءَ کي جلد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي پر ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود هن وقت تائين معصوم نياڻي جي بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگهي. نه ئي صوبائي گهرو وزير توڙي پوليس آفيسرز پاران اِن اهم معاملي تي ٻيهر ڪا اڳڀرائي متعلق پڌرائي يا پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آهي. اڄ کان ٽي مهينا اڳ گهرو وزير توڙي پوليس جا آفيسر اِها دعويٰ ڪري رهيا هئا ته، 10 محرم يعني جنهن ڏينهن پريا ڪماري اغوا ٿي هئي، اُن کان اڳ ئي هُو گهر واپس موٽي ايندي. ڪهڙن بنيادن تي اهي دعوائون ڪيون ويون، آخر پريا واپس ڇو نه آئي؟ هندو پنچائت ۽ ساڃاهه وندن پاران لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ ڪراچيءَ تين تلوار تي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پريا ڪماريءَ جي امڙ شرڪت ڪئي. اِن کان اڳ معصوم نياڻيءَ جي امڙ ڪڏهن به ڪنهن احتجاج ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. لڳل ڌرڻيءَ کانپوءِ صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ توڙي لاڳاپيل اختيارين ساڳي خاطري ڪرائي پر نتيجو هن وقت تائين ناهي نڪري سگهيو.
سنڌ حڪومت، پوليس آفيسرن جي خاموشي، اُنهن جي ناڪامي، نااهليءَ ۽ شروعات ۾ ڪيل ڪوتاهيءَ کي واضح طور تي ظاهر ڪري ٿي. پريا ڪڏهن اغوا ٿي، ان کانپوءِ هن وقت تائين پوليس جي ڪهڙي ڪارڪردگي رهي اِن متعلق پڙهندڙن کي اڳ به ڪافي ڀيرا آگاهه ڪندا رهيا آهيون، هن لکڻيءَ ذريعي پريا ڪماريءَ جي پوري ڪيس جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو وٺون ٿا.
سکر ضلعي جي سنگرار ۾ 19 آگسٽ 2021ع (10 محرم الحرام) عاشور واري ڏينهن امام حسين عه سان عقيدت رکندڙ راجڪمار گهر ٻاهران ڪربلا جي شهيدن کي ياد ڪندي گهر ٻاهران سبيل لڳائي، جِتي ٻين ٻارڙن سان گڏ سَتن ورهين جي پريا ڪماري به پنهنجي والد سان گڏ موجود هئي، گهر جي چند قدم مفاصلي ۽ سنگرار ۾ ڏهين محرم تي نڪرندڙ مک ماتمي جلوس جي روٽ تي سبيل هلائيندڙ معصوم پريا ڪماريءَ کي نامعلوم ماڻهو اهڙي ته چالاڪيءَ سان اغوا ڪري ويا جو هن وقت تائين اغوا ڪندڙ متعلق پوليس، سيڪيورٽي لاڳو ڪندڙ ادارن، رياست کي خبر ناهي پئجي سگهي. ڪم سانگي گهر ويل راجڪمار واڌاڻي جيئن واپس سبيل تي پهتو ته نياڻيءَ کي نه ڏسي پريشان ٿي ويو، ٻيهر گهر وڃي ڄاڻ ورتي، آس پاس ڳولهيو پر نينگريءَ جو پتو نه پيو. جنهن تي راجو مل اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو پر اُن وقت پوليس روايتي سُستي، ڪوتاهي ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي سنجيدگيءَ سان نينگريءَ جي ڳولها ڪرڻ بجاءِ نينگريءَ جي پاڻمرادو ملڻ جو ڄڻ انتظار پئي ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد پتو نه پوڻ تي راجو مل سنگرار ٿاڻي تي پهچي نامعلوم جوابدارن خلاف پريا ڪماريءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، پر اِن باوجود پوليس جي روايتي سُستي ختم نه ٿي ۽ نيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پريا ڪماريءَ جي اغوا جو نوٽيس ورتو، عدالتي نوٽيس کانپوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، اُن وقت جي آءِ جي سنگرار پهچي ڪئمپ قائم ڪرڻ سان گڏ ايس ايس پي امجد احمد شيخ، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي عرفان احمد سمون تي مشتمل ڪاميٽي قائم ڪئي ھئي، ڪاميٽي سنگرار پهچي جاچ ڪئي، ڪميٽيءَ جي هدايتن تي نينگريءَ جي وارثن سميت ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي پر نتيجو نه اچي سگهيو، عام چونڊن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهڻ بعد موجوده آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران پراڻي ڪميٽيءَ کي ختم ڪري ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهيءَ ۾ پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ٽيم جوڙي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ٽيم جي سربراهه جاويد جسڪاڻي پريس ڪانفرنس دوران اعتراف ڪيو ته، شروعات ۾ پوليس جي سستي سبب ڪيس خراب ٿيو آهي. سنڌ واسي دعا ڪن ته اسان کي هن ڪيس ۾ ڪاميابي ملي. سکر پوليس پاران پريا ڪماريءَ جي ڪيس متعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته پريا ڪماري 19 آگسٽ 2021ع تي پراسرار نموني گم ٿي وئي، ٽن ڏينھن بعد پريا ڪماري جي والد جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي قلم 364 ۽ 34 پي پي سي تحت گناھ نمبر 13/2021 تحت ڪيس داخل ٿيو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پريا ڪماري جي ڳولھا شروع ڪئي، انسپيڪٽر، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي سطح تي ڪيس جي جاچ ڪئي وئي. گھرو وزارت پاران ڊي آءِ جي جي نگرانيءَ ۾ جي آءِ ٽي ھن وقت ڪيس جي جاچ ڪري رھي آھي. پوليس ٽيمن سنگرار جي آس پاس 415 گھرن جي تلاشي ورتي. پوليس پاران 1030 شڪي ماڻھن کان پريا ڪماري متعلق پُڇا ڳاڇا ڪئي وئي. سبيل پوائنٽس تي موجود 170 ماڻھن کي چيڪ ڪيو ويو. سنگرار ۽ ويجھو ڳوٺن ۽ علائقن جي ڊرون ذريعي نگراني ڪئي وئي. شڪي جاين، نالن، تلائن جي چيڪنگ ڪئي وئي. سنگرار جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ 40 ماڻھن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. 300 کان وڌيڪ ويجھن گھرن ۽ آس پاس وارن علائقن جي کوجي ڪتن ذريعي تلاشي ورتي وئي، ويجھن تلائن، خالي پيل عمارتن جي تلاشي ورتي وئي، علائقن جي جيو فينسنگ ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، مزارن، درگاھن ۽ مندرن جي تلاشي ورتي وئي، لاپتا ٻارڙيءَ جي ڳولھا جي لاءِ ھندو برادريءَ سميت مقامي معزز ماڻھن سان ملاقات ڪئي وئي. ضلعي جي خانا بدوش ۽ پينو فقيرن جي رھائش گاھن جي تلاشي ورتي وئي، پوليس شڪارپور جي ڪچي واري علائقي م ڇاپا ھنيا، سنڌ جي مختلف علائقن کان علاوه پنجاب جي رحيم يار خان، صادق آباد، بھاولپور ۽ ٻين علائقن ۾ ڳولھا ڪئي وئي، پريا ڪماريءَ جي ڳولھا لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اشتھار ڏنا ويا، ويجھن ضلعن، عوامي ھنڌن تي ٻارڙيءَ جي گمشدگيءَ متعلق پمفليٽ لڳايا ويا. پريا ڪماريءَ متعلق اطلاع ڏيندڙ لاءِ 50 لک انعام پڻ رکيو ويو آھي. ايتري حد تائين جو نينگريءَ جي مٽن، مائيٽن توڙي ويجھن عزيزن کي به جاچ ۾ شامل ڪري کين حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا ھئا، جنھن بعد ٻن شڪي ماڻھن، جنھن ۾ نينگريءَ جو چاچو سريش به شامل ھو، انھن جي پنجاب فارينزڪ ليب مان پولي گرافڪ ٽيسٽ به ڪرائي وئي ھئي پر اِن باوجود ھن وقت تائين نينگريءَ جو ڪو به پتو ناھي پئجي سگھيو.
معصوم پريا ڪماريءَ جي اغوا متعلق سنگرار سان ئي تعلق رکندڙ بااثر شخصيت شاهد شاهه مٿان سوشل ميڊيا تي الزام سامهون آيو ته پريا ڪماريءَ کي شاهد شاهه اغوا ڪيو آهي. جنهن متعلق مختلف ڳالهيون ۽ سنگين قسم جا الزام به لڳا پر پوليس آفيشل طور تي ڪڏهن به اِن بااثر شخص کي پنهنجي جاچ ۾ شامل نه ڪيو. سوشل ميڊيا جو تمام گهڻو پريشر پوڻ کانپوءِ نيٺ الزام هيٺ آيل شاهد شاهه پريا ڪماريءَ جي والد راجڪمار کي پنهنجي اوطاق تي گهرائي اُن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري پاڻ مٿان لڳل الزامن جي صفائي پيش ڪئي ته پريا منهنجي نياڻي آهي ۽ مون مٿان لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. جيڪي سوشل ميڊيا تي الزام لڳايا ويا اُهي پريا جي خاندان جي لاءِ به تڪليف ڏيندڙ هئا پر اِن جو مقصد اهو نه هو ته اِن معاملي جي جاچ نه ٿئي ۽ خاموشي اختيار ڪئي وڃي. پوليس اِن معاملي تي منهنجي ڄاڻ مطابق، ڪنهن به قسم جي جاچ نه ڪئي، شايد اِن ڪري جو شاهد شاهه واري خاندان جو سکر ضلعي سان تعلق رکندڙ هڪ بااثر سياستدان سان ويجهو تعلق آهي. ڪجهه پلن لاءِ ائين چئجي ته اِتي اثر رسوخ رکندڙ شخص نه پر ڪنهن عام شهريءَ جي مٿان الزام هجي ها ته پوءِ به پوليس جو اِهو رويو هجي ها؟ منهنجي خيال ۾ نه، ڇو جو پوليس اِن صورت ۾ اُن شخص کي ته کڻي ها پر اُن جي پوري خاندان کي به گرفتار ڪري ها. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ائين ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ پوليس لڳل الزامن جي شفاف طريقي سان جاچ ته ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن پوليس جاچ ڪئي آهي ته اِن متعلق ميڊيا کي ڪڏهن به آگاهي ناهي ڏني وئي. افسوس اِن ڳالهه جو به آهي جو سکر جا سياستدان پريا ڪماريءَ کي سياسي بيانن ۾ پنهنجي نياڻي ته ڪوٺين ٿا پر عملي طور تي اُن جي بازيابيءَ لاءِ جهڙي ريت انهن کي سرگرم هجڻ گهرجي، نظر نٿا اچن. جنهن متعلق ميار معصوم پريا ڪماريءَ جو والد به ڏئي چڪو آهي ته مان پنهنجي نياڻيءَ جي بازيابي لاءِ هر سياسي دروازي تي ويو آهيان پر ڪڏهن به ڪو چونڊيل نمائندو اسان وٽ خالي تسلي ڪرائڻ جي لاءِ به ناهي پهتو.
10 محرم الحرام عاشور واري ڏينهن پريا جي اغوا کي 3 سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر هن وقت تائين پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي. ٽي مهينا اڳ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهائيندي چيو هو ته، پريا ڪماري زنده آهي، جيڪا بلوچستان جي چولستان واري علائقي ۾ موجود آهي، جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اهڙي طرح موجوده ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ توڙي ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ جي مقرريءَ بعد پريا جي والدين، هندو برادري، ساڃاهه وندن ۽ سنڌ واسين ۾ هڪ اُميد پيدا ٿي آهي ته، پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو. ٻنهي پوليس آفيسرن به گهرو وزير جيان هندو برادري، پريا ڪماري جي والدين کي خاطري ڪرائي آهي ته پريا ڪماري زنده آهي، جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. اهڙن بيانن بعد پريا ڪماري جي امڙ ۽ والد، گهر ڀاتين، هندو برادريءَ جي بيچينيءَ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ واسين ۾ هڪ اُميد پيدا ٿي آهي، خاص ڪري جيجل امڙ، جيڪا ٽن سالن کان پنهنجي نياڻيءَ جي جُدائيءَ جو صدمو برداشت ڪري رهي آهي، اُن ۾ هڪ اُميد پيدا ٿي آهي ۽ ماءُ اندر موجود ممتا پنهنجي نياڻيءَ جي خيريت، صحيح سلامت واپسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي. 2021ع ۾ پريا ڪماريءَ کي ستن ورهين جي عمر ۾ امام حسين عه جي سبيل هلائيندي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، والدين لڳ ڀڳ هڪ سال تائين سنگرار ويجهو هڪ درگاهه تي رهائش اختيار ڪئي هئي، پريا جو پتو نه پوڻ تي راجڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ سنگرار ۾ واقع اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ بعد سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. معصوم پريا ڪماري کي ستن ورهين جي عمر ۾ اغوا ڪيو ويو هو، جيڪا هن وقت 10 ورهين جي عمر ۾ پهتي آهي ۽ گهڻي ڀاڱي نقشا به تبديل ٿي ويا هوندا. معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري ۽ والد راجڪمار موجب ته حڪومت ۽ پوليس دلاسا، آسرا ڏنا آهن پر منهنجي نياڻي هن وقت تائين واپس ناهي موٽي، حڪومت چوي پئي ته پريا جي خبر پئجي وئي آهي ته بازياب ڪرائڻ ۾ ڇو دير ڪئي پئي وڃي، خبر ناھي منھنجي جگر جو ٽڪرو ڪھڙي حالت ۾ آھي، ڪنھن وٽ آھي. اهو سوچي مان خون جا ڳوڙها روئيندي رهندي آهيان، جيڪڏهن حڪومت چوي پئي ته، پريا زنده آهي ۽ فلاڻي شهر ۾ آهي ته پوءِ آخر رياست آڏو ڪهڙو مسئلو آهي جو منهنجي نياڻي واپس نٿي ڪرائي؟!
پريا ڪماريءَ کي متعلق ڪيس ۾ منهنجي خيال ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي، جنهن تحت ئي صوبائي گهرو وزير ۽ پوليس آفيسرن جا بيان آهي، اُهو اهو آهي ته سکر پوليس هڪ پنجاب جي رهواسڻ، جيڪا اڳ سنگرار ۾ رهندي هئي، اُن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي. جنهن متعلق هڪ هندو برادريءَ جي نيڪ مرد پوليس کي ٻڌايو ته، سنگرار جي رهواسڻ هڪ عورت جنهن جي پنجاب ۾ شادي ٿي، ان اچي کيس ٻڌايو ته، هڪ نئين ڇوڪريءَ کي هن پنجاب ۾ ڏٺو آهي، پريا جي تصوير ڏسڻ بعد هن تصديق ڪئي ته، اِها ئي ڇوڪري آهي ۽ اُتي وڃي وڌيڪ تصديق ڪري ٻُڌائڻ متعلق چيو. پر بعد ۾ اُن عورت پاران ڪا مثبت موٽ نه ملي ۽ صرف ايترو ٻڌايو ويو ته، جنهن وٽ نينگريءَ کي ڏٺو ويو هو، اُهي هاڻي اُتي نٿا رهن. جنهن بعد اُن وقت جي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي اِن ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو پر مناسب اڳڀرائي نه ٿي. ايس ايس پي امجد شيخ چارج وٺڻ بعد اِن ڳالهه کي سنجيده ورتو ۽ پنجاب ۾ ڪارروائي ڪري اُن عورت کي گرفتار ڪري کڻي آيو. پر پوءِ به پريا ڪماريءَ جو پتو ناهي پئجي سگهيو.
پوري سنڌ توڙي پاڪستان اندر مختلف وقتن تي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ھندو برادري توڙي سياسي، سماجي، مذھبي توڙي سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاھرا پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پريا ڪماريءَ جون تصويرون کڻي اُن جي آزادي ۽ ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي معصوم پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مهم هلندڙ آهي، ايڏي وڏي مهم هلندڙ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي ته عام ڪيسن ۾ پوليس جي ڪارڪرگيءَ ڇا هوندي اِن مان چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ توڙي پريا ڪماريءَ جي بازيابي لاءِ جوڙيل تجربيڪار ٽيم کي گهرجي ته هاڻي واعدا ڪرڻ، ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ عملي طور تي پريا جي بازيابيءَ لاءِ سنجيده قدم کڻن. پريا متعلق گهرو وزير ۽ پوليس آفيسرن جا بيان ٻڌڻ بعد پريا واري ڪيس تي نظر رکندڙن جي ذهنن ۾ ڪجهه سوال اُڀري رهيا آهن ته پريا متعلق گهرو وزير اعتراف ڪيو آهي ته، پريا چولستان ۾ آهي ته پوءِ آخر ڇا ڪارڻ آهي جو هن وقت تائين بازياب ناهي ٿي سگهي؟ ڇا اهِا دعويٰ صرف هڪ عورت جي بيان آڌار ڪئي وئي آهي…؟ اُن عورت جي گرفتاريءَ کان جاچ تائين جي اڳڀرائي منظر عام تي ڇو ناهي آندي وئي؟ بااثر سياستدان جي ويجهو رهندڙ شاهد شاهه کان پوليس ڪهڙي جاچ ڪئي آهي؟ اِنهن الزامن کي ڪيترو سنجيده ورتو ويو؟ پريا جي بازيابيءَ ۾ هن وقت تائين پوليس جي ناڪاميءَ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ انهن متعلق صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي ناڪامي، نااهليءَ متعلق اعتراف ڪرڻ گهرجي يا وري جيڪڏهن حقيقت ۾ پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ جي حوالي سان ڪي سنجيده قدم کنيا ويا آهن ته دعوائن کان سواءِ عمل طور تي کنيل قدمن متعلق ميڊيا کي آگاهه ڪيو وڃي. ڇا معصوم پريا ڪماريءَ وارو ڪيس فضيلا سرڪيءَ وانگر بڻايو ويو آهي؟ ڇا فضيلا سرڪيءَ جي امڙ جيان پريا جي امڙ کي بچيل عمر رَت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پوندا؟ سنڌ حڪومت پاران پريا ڪماريءَ جي ڪيس ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي هن وقت تائين اڳڀرائي متعلق عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. جيڪڏهن پوليس کي ڪاميابي نه پر ناڪامي ملي آهي ته اِن جو به اعتراف ڪري پريا جي بازيابيءَ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن!