ڪراچي (نمائندن وٽان) پريا ڪماري ۽ ساگر ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا پيا وڃن
هندو پنچائت جي سڏ تي ٺري مير واهه ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند، گپچاڻي، ٺارو شاهه ۽ ڪنڊيارو ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريليون
نصيرآباد، مدئجي ۽ نوشهروفيروز ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ، ٺل ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، فضيلا سرڪي جا والدين به احتجاج ۾ شامل
مظاهرين پريا ڪماري، فرحان اڄڻ، ساگر ڪمار، فضيلا سرڪي ۽ ٻين مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوويو آهي
هي به پڙهندا
ڪنڌڪوٽ: ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو جاري