ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنطيمن ۽ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مطاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران معصوم پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل يرغمالين جي بازيابي لاءِ اشفاق چنڙ، ناهيد جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو ، حيدرآباد ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران مولانا تاج محمد ناهيون، خالد حسين ڌامراهه، سعيد احمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي غلام نبي سومرو، ماجد حسين عباسي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ پاران وڏي مڇي مارڪيٽ کان محبت کهڙو، مولانا طاهر سومرو، مولانا الياس چنا، حميد الله سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ جي يو آءِ ۽ شيخ ڪميونٽي طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ريلين جي اڳواڻي مولانا محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل ھاليجوي، علي مردان شيخ ۽ ٻين ڪئي. ميرپورخاص ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪرڙ ليٻاري ۽ مجيد ٻگهيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه ۾جي يو آءِ پاران مولانا احمد حسين جمالي، شاھد حسين جوکيو، محمد خان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گمبٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، سياسي سماجي اڳواڻن پاران وجي ڪمارعرف بيبو، اعجاز ڦلپوٽو، فياض حسين جوکيو، ڊاڪٽر ٽوني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن طرفان مولانا اويس احمد ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم ڪارڪنن والي ڏنو سنڌي، بشير خان، رفيق لاشاري، ڪامران بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران بدامني، مغوي فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، عبدالجبار چاچڙ، نازيا کوسو، ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا سليم الله بروهي، مولوي عبدالجبار رند، مولانا تاج محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، موري ۾ واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن پاران  خادم حسين کوسو، بدرالدين ميمڻ، شاھنواز ميمڻ، اسلم امين آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽي ڪلوميٽر ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،  جڏهن ته ڪاروبار بند رهيو. نوشهرو فيروز ۾ جي يو آءِ پاران ضلعي امير مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ، قاري عبدالحق راجپوت، اڪرم علي پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڪنڊيارو ۾ مغوي فرحان اڄڻ جي بازيابي لاءِ   شير محمد اڄڻ، مولانا رمضان خاصخيلي، مولانا عبدالمجيب سومرو، هارون ڪلهوڙو، ظفر کوسو، مولانا صفي الله اڄڻ، شاهد علي، يار محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. موري ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران  خان سومرو، غلام نبي لاکو، نازن عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ٺٽي ۾ قومي عوامي عوامي تحريڪ پاران شبير ڀٽي، ممتاز شيخ، صاحب ڏنو سمون، شفيع محمد پليجو ۽ وڪيو ميربحر  جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام پاران مولانا سليم عاطف چانڊيو، مولانا عبدالوھاب بلوچ ۽ مولوي عبدالحڪيم سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، مٽياري ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن حاجي سارنگ منگواڻو، سليم سنڌي، مولانا رجب نوحپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻير واري مسجد کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٿرڙي محبت ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي يڪجهتي طور مختلف تنظيمن ‘شهري اتحاد ٿرڙي محبت ‘ (جسقم ) جيئي سنڌ فريڊم مومينٽ‘ سني ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن پاران ڌرڻو هنيو ويو، ڪڙيوگهنور ۾ جسقم پاران محفوظ اسماعيل نوتڪاڻي، سليم سنڌي، امداد نوحاڻي، عظيم سنڌي ۽ آصف نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سجاول ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاران مفتي نذير احمد عمراڻي، مولوي انور سومرو، مولوي حسن قاسمي ۽ هندو پنچائت جي اڳواڻ ڊاڪٽر راج جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو يو،  بدين ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ايم سومار ملاح، نور محمد ڀٽي ۽ سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٻئي پاسي جمعيت علماءِ اسلام پاران مولوي فتح محمد مهيري جي اڳواڻي ۾ پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوغلام علي ۾ شهرين ۽ سول سوسائيٽي پاران عمران ڪنڀر، سيد سجاد شاهه، عبدالجبار مڱريو ۽ سيد اعجاز شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو،  قمبر ۾ جي يو آءِ طرفان حافظ عذير جاگيراڻي. عبدالرزاق سولنگي. يونس لاکو. امجد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، رتوديرو ۾ جي يو آءِ پاران مولانا عبدالعزيز سومرو، مولانا عبدالغفار جويو، مولانا محمد مراد معرفاڻي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڏوڪري ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ جي يو آءِ ڪارڪنن حافظ عثمان جهتيال، مفتي نصير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، چوهڙ جمالي ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاران حافظ فضل الله فياض، مولوي نجيب الله ميمڻ ۽ فاروق آزاد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شڪارپور ۾ جي يو آءِ طرفان قاري مجيب، مولوي مشتاق سھندڙو، مولوي عبدالفتاح مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.