سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس کي وڏي عرصي بعد معصوم پريا ڪماريءَ جي ياد اچي وئي. ايس ايس سکر جي ترجمان پاران معصوم پريا ڪماريءَ جي امڪاني تصوير جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته وقت گذرڻ سان سنگرار مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جا مهانڊا هاڻي هيئن ٿي سگهن ٿا، ان ڪري هن مهانڊن سان جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڇوڪري نظر اچي ته ڀر واري پوليس ٿاڻي تي اطلاع ڏنو وڃي. واضع رهي ته هن ڏهه محرام الحرام تي معصوم پريا ڪماريءَ جي اغوا کي چار سال مڪمل ٿي ويندا. معصوم پريا ڪماريءَ کي 19 آگسٽ 2021ع، محرم الحرام جي ڏهين تاريخ عاشور واري ڏينهن سبيل هلائيندي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا. سنڌ حڪومت پاران پريا ڪماريءَ متعلق اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام رکڻ، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاران اسيمبليءَ فلور تي پريا ڪماريءَ جي جلد بازيابيءَ جي خوشخبري ڏيڻ، خاطرين، آسرن ۽ دلاسن باوجود هن وقت تائين پريا ڪماريءَ کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي. موجوده ايس ايس پي سکر اظهر مغل جي پوسٽن تي ڪجهه مهينا مڪمل ٿي پيا آهن پر پهريون ڀيرو اُن جي ترجمان طرفان پريا ڪماريءَ متعلق ڪا پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. جنهن مان پوليس آفيسرن جي پريا ڪماريءَ جي بازيابي متعلق سنجيدگيءَ جو واضع اندازو لڳائي سگهجي ٿو.