ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنگرار  مان 3 سال اڳ اغوا ٿيل  ٻارڙيءَ  پريا ڪماري، جيڪب آباد مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل نويد لاشاري، ڪراچي مان 4 مھينا اڳ گم ٿيل معصوم ٻارڙي سويرا چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ پريا ڪماري بازيابي ڪاميٽي طرفان ڪالهه  هتي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،  جنهن کي لياقت جلباڻي، يونس مھر، سھڻي پارس، حمل بلوچ، رزاق بلوچ، خالدہ ارباب ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل 3 سالن کان معصوم  پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آھي، جي آئي ٽي  پڻ ھن مھل تائين پريا ڪماري ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آھي،  4 مھينا اڳ ڪراچي مان گم ٿيل سويرا چانڊيو به ناهي ملي،  پوليس ھن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ، جيڪب آباد مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نويد لاشاري کي به پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آھي، هنن چيو ته شھيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جا مک قاتل گرفتار ناهن ٿيا. ھنن  مطالبو ڪيو ته  پريا ڪماري، نويد لاشاري، سويرا چانڊيو کي بازياب ڪرايو وڃي، شھيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.