سکر (بيورو رپورٽ) پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي پاران ڪنڌرا جي دارا واھڻ کان 6 فيبروري تي نڪتل پيادل مارچ سکر پھچي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو، مظاھرين پاران ايس ايس پيکي ياداشت نامو ڏنو ويو، ان موقعي تي پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر نذير کوکر، سنڌ سڀا جي سنڌي انعام چيو ته پريا ڪماري کي 10 محرم تي عزادارن کي سبيل پيئارڻ دوران اغوا ڪيو ويو، جنھن جي قيد کي اڄ 902 ڏھاڙا ٿين ٿا پر پوليس هن وقت تائين ڪو به قدم ناهي کنيو، ياداشتنامي مطابق اڳواڻن ايس ايس پي کي چيو ته توھان پنھنجي نوڪريءَ ۾ بلڪل ناڪام، نااھل ۽ ڪاھل ثابت ٿيا آھيـو، ھن خط ذريعي اوھان کي گذارش ٿا ڪيو ته ترت سنگرار مان اغوا ڪيل پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي ۽ سنڌ سڀا اليڪشن بعد اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻندي ۽ يو اين او اسلام آباد آفيس ۾ اھڙو خط جمع ڪرائيندي، اڳواڻن چيو ته جلد اٻاوڙو کان ايس ايس پي آفيس سکر تائين ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي کان آءِ جي آفيس تائين احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻو ھنيو ويندو، جيڪو پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ تائين جاري رھندو.