سکر: اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سندس والد ڌرڻي ۾ پهتو ۽ وڪيلن کي اپيل ڪئي ته هو سندس نياڻي جي بازيابي لاءِ آواز اٿارين، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته چئن سالن کان اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي، وڪيل اڳواڻن نينگري پريا ڪماري جي وارثن سان ملاقات ڪري هر ممڪن قانوني مدد جي خاطري ڪرائي.