سکر (بيورو رپورٽ) هندو برادري جي اڳواڻن چيو آهي ته معصوم پريا ڪماري جي بازيابي ۽ جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ جج ۽ ھندو پنچائت جي نمائندي کي شامل ڪيو وڃي، خورشيد شاهه سميت ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي ناهي آيو، جنم ڀومي سنڌ ۾ رھڻ مشڪل بڻايو ويو آھي، لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ گهربل سمورا قدم کنيا وڃن، سکر ۾ هندو پنچائت جي مکي ايشور لال، مکي واسو مل، چندر ڀان، اشوڪ ڪمار، لڌو مل، پريا ڪماري جي والد راجڪمار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 32 مهينن کان پريا ڪماري اغوا ٿيل آهي، هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پيو، پريا کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، ڪا به خبر ناهي، هندو برادري پاڪستاني آهي، پر سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، عام شهري جيان اسان کي به تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هنن چيو ته ڪجهه ماڻهن پريا جي امڙ ۽ ھندو برادري جي معزز ماڻهن مٿان الزام لڳايا آهن، اسان پهرين ڏينهن کان ادارن سان سهڪار ڪيو آهي، موجودهه جي آءِ ٽي کي ڀليڪار چئون ٿا، جج ۽ هندو اڳواڻ کي به جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسان کي هتي اڻ ڳڻيا مسئلا آهن، ڀتا، اغوا، ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪي ماڻهو اڄ چئي رهيا آهن ته روڊ بلاڪ ڪريون، انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان اڳ ئي ٻٻرلوءِ باءِ پاس سميت ٻين هنڌن تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري چڪا آهيون، اسان لاڙڪاڻي، حيدر آباد، گهوٽڪي، خيرپور سميت ڪراچي تائين احتجاج ڪري چڪا آهيون، هنن جو چوڻ هو ته خورشيد احمد شاهه، ناصر شاھ، اويس قادر شاھ، نعمان شيخ سميت سکر جو ڪو به چونڊيل نمائندو 32 مھينا گذرڻ باوجود پريا جي خاندان کي خالي تسلي ڏيڻ به ناهي آيو، جنھن تي ڳڻتي سان گڏ افسوس آھي ڇو جو اسان ووٽ ڏئي انھن چونڊيل نمائندن کي ايوانن تائين پھچايو آھي، هندو اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري مولا حسين جي سبيل هلائڻ دوران اغوا ٿي، جنهن لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، هنن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڳ به جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي، ان وقت جي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاڻ ان کي مانيٽر ڪيو، پر بدقسمتي سان پريا جو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، هنن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري پاڪستاني آهي، حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته هندن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي، سوشل ميڊيا ذريعي هندو ڪميونٽي مٿان الزام لڳايا پيا وڃن، پريا ڪماري جي امڙ تي الزام لڳي رهيا آهن، اسان شروع کان جاچ ٽيم يا پوليس آفيسرن سان تعاون ڪيو آهي، اسان هر ڀيري پريا جي باحفاظت بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي، پريا جي بازيابي لاءِ پوليس سان گڏ جج کي به شامل ڪيو وڃي، ان سان ڪيس جو رخ تبديل نه ٿيندو، هنن چيو ته افسوس آهي جو وڏي وزير مراد علي شاهه يا ڪنهن وزير اسان کي گهرائي مسئلا معلوم ناهن ڪيا، اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي، هندو برادري ملڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبور آهي، هر ڪو حيثيت آڌار اتر سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ڪراچي، حيدرآباد يا وري ملڪ ڇڏي رهيو آهي، مسئلن سبب پنهنجي جنم ڀومي سنڌ ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي، سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ هندو برادري ڪردار ادا ڪري سگهي.