پريالوءِ(ن پ ا) پريالوءِ شھر جي فياض ڪالوني ۾ سليم پٺاڻ جي گهر واري نادرهه کي گهر ۾ ڪم ڪرڻ دوران پکي مان ڪرنٽ لڳو، جنهن ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي، عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.