پريالوءِ (ن پ ا) آچر واري رات جو پريالوءِ پوليس  مبينا طور مڙهي واري علائقي ۾ رضا محمد ڀنگوار جي گهر تي چڙهائي ڪري پيرسن رضا محمد ڀنگوار  کي تشدد جو نشانون بڻايو، پيرسن کي بچائڻ لاءِ آيل سندس ڳورهاري ڌيءُ لطيفان زال علي بخش ڀنگوار ۽ ٻين عورتن تي پڻ مبينا طور تشدد ڪيو ويو، جنهن دبب عورت  جو حمل ضايع ٿي ويو، ٻي طرف عورت جي وارثن ڀاءُ سليم احمد ڀنگوار، مڙس علي بخش ڀنگوار نذيران خاتون ۽ ٻين ٻارڙي جو لاش کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته اڳ پوليس اسان جو نينگر احمد ڀنگوار گرفتار ڪري وئي، رشوت نه ڏيڻ تان وري پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو، تشدد ۾  9 مهينن جي ڳورهاري   لطيفان ڀنگوار  جو حمل  ضايع ٿي ويو آهي، جنهن مئل ٻار کي جنم ڏنو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته غريب آهيون، ايس ايچ او سميت ٻين اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي.