پريالوءِ (ن پ ا ) پريالوءِ جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻندو پوليس پاران مبينا طور تي ٻيلي کاتي جي عملدارن پاران بناجواز گرفتار ڪيل نوجوان بلاول خروس کي گم ڪرڻ خلاف سندس امڙ نواب خاتون، ڀاءَ محمد انور خروس پريس ڪلب پهچي فيض محمد ٻندو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته 17 ڊسمبر تي اسان جو نوجوان بلاول خروس ڪارگو لوڊر تي سوار ٿي ڳوٺ کان شور روم واري کي 50 هزار رپيا ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو ته کيس ٻيلي کاتي جي عملدارن پوليس سميت کيس بناجواز گرفتار ڪري فيض محمد بندو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، جنھن بعد پوليس هن وقت تائين نه ئي سندس گرفتاري ظاهري ڪئي آهي نه اسان کي پنهنجي نوجوان سان ملائين پيا، فوري طور تي نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.