پريالوءِ (ن پ ا ) پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن شهر جي سونارڪي بازار مان محمد حسن تنيو جي سونارڪي دڪان مان هٿيارن جي زور تي سونازيور، چاندي ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرارٿي ويا، هوڏانهن اطلاع ملڻ باوجود پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهچي متاثر کان تفصيل وٺڻ بعد واپس موٽي وئي. ٻي طرف متاثر سوناري محمد حسن تنيو موجب ته جوابدار 10 لک جي ماليت جو سون، چاندي ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدار گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي وڃي.