پريالوءِ (ن پ ا ) پريالوءِ لڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد مان ڊرينج جي کوهه مان پيرسن عورت جو لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ ٻٻرلوءِ جي سومرا پاڙي جي رھواسڻ 54 ورھين جي مسمات شريفان زال امداد سومرو طور ڪئي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته شريفان سومرو ھڪ ڏينھن اڳ گھران نڪري وئي هئي، جنهن جي سڄو ڏينهن مسلسل ڳولا ڪئي وئي پر ڳولا بعد ھو ڪٿي به نه ملي سگهي نه ئي واپس گهر آئي، گمشدگي جو اطلاع ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي ڪيو ويو پر ٻٻرلوءِ پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو ۽ نه ئي ڳولا ۾ ڪا مدد ڪئي، هوڏانهن ٻٻرلوءِ پوليس واقعي کان لاعلم بڻيل رهي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت کي ڪنهن کوھ ۾ اڇلايو ھجي پر پوليس پاران ھن مھل تائين ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آهي.