پريالوءِ ڀرسان پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ڇڪتاڻ

0
21
پريالوءِ ڀرسان پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ڇڪتاڻ
پريالوءِ ڀرسان پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ڇڪتاڻ

پريالوءِ(رپورٽ: عمران اوڍو) پريالوءِ ڀرسان پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ۾ ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين نذير احمد ڄامڙو ۽ سونارو ڄامڙو ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب انور علي ڄامڙو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، فائرنگ جي آواز تي علائقي واسين پهچي جهيڙو بند ڪرايو، اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جي وارثن چيو ته مخالفن انور علي ڄامڙو کي گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.