پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو، لٺيون ۽ سرون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيس داخل، ھڪ جوابدار گرفتار، تفصيل موجب ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله داد تنيو ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان تنيا ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سرون لڳڻ سبب 30 سالا دل اڇو ملڪ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي هن علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش ڳاڙهي موري اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻٻرلوءِ پوليس محمد موسيٰ ملڪ جي فرياد تي ٽن ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڪيس ۾ مشتاق تنيو، محمد حيات تنيو ۽ فرمان علي تنيو کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ھڪ جوابدار فرمان تنيو کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.