پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ويرم ڳوٺ ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي نھال خان بلوچ ۾ انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا تقريب ٿي، تقريب ۾ استادن، شاگردن توڙي مهمانن اجرڪ، ٽوپيون پائي شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻارڙن طرفان ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون هڻي ڀرپور داد حاصل ڪيو ويو، تقريب ۾ اسڪول جي استادن مظفر موئرو، ماجد، سعيد احمد سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.