پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان پ پ اڳواڻ شھريار شر جي سرپئنچي ۾ ٻن خوني تڪرارن جا ڌار ڌار راڄوڻي نبيرا ڪري ڌرين مٿان مجموعي طور 52 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. تفصيل موجب ڪوٽ مير محمد ڀرسان ڳوٺ امام بخش شر ۾ شھريار شر جي سرپئنچي ۾ ٻن خوني تڪرارن جا ٻه ڌار ڌار فيصلا ٿي گذريا. ڪچي جي علائقي ڳوٺ جواڻ شر ۾ 6 مهينا اڳ هدايت الله ۽ مولا بخش شر جي ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران نسيم شر جي قتل ۽ اياز حسين شر کي زخمي ڪرڻ واري مامري جو نبيرو ڪري هدايت الله شر جي ڌر مٿان 31 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن مان 4 لک رپيا معاف ڪرڻ بعد باقي 27 لک ٽن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا. هوڏانهن ڳوٺ سوڀو خان شر ۾ 15 سال اڳ نينگر اياز شر جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي محبوب شر ۽ مالڪ ڏنو شر مٿان 35 لک ڏنڊ وڌو ويو، جنهن مان 10 لک رپيا معاف ڪرڻ بعد جوابدار ڌر کي 25 لک  رپيا ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو. ان موقعي تي شعيب شاهه، ممتاز حسين ٽالپر، اظهر علي شاهه، ثناءُ الله بلوچ، بخت علي شر ۽ ٻيا معزز موجود هئا.