پريالوءِ(ن پ ا) پريالوءِ ويجهو عورت ٿريشر جي پٽي ۾ ڦاسڻ سبب فوت، خبر موجب ڳوٺ حاجي نهال خان بلوچ ۾ ڳوٺاڻي عباد حسين بلوچ جي گهرواري مسمات مهرالنساءِ ٿريشر جي پٽي ۾ ڦاسڻ ڪري سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي خانگي اسپتال پهچايو، جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، عورت جي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.