پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ واسي 2 نوجوان  پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، 50 لک رپيا ڀنگ طلب، ان ڏس ۾  ڳوٺ الهوڌايو بڙدي جا رهواسي گل کپائي پورهيو ڪندڙ 2 نوجوان 26 ورهين جو  واجد علي پٽ ڏنل بڙدي ۽ زبير احمد پٽ خادم حسين بڙدي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا آهن، جڏهن ته  رات جو ديرسان ڌاڙيلن سندن وارثن کي موبائيل فون تي نوجوانن جي اغوا جو اطلاع ڏيندي نوجوانن جي بازيابي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي،ٻي طرف مغوي نوجوان زبيرا حمد بڙدي جي پيءُ خادم حسين بڙدي موجب ته  پٽ ۽ پاڙيسري واجد بڙدي سکر ۾ گل وڪرو ڪري گذرسفر ڪندا آهن، ڌاڙيلن نوجوانن کي گهرائي اغوا ڪيو آهي، هاڻ بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي،  پئسه نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوانن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، غريب آهيون، نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.