پريالوءِ (ن پ ا) هڪ مهينواڳ عورتاڻي  آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پريالوءِ واسي 2 نوجوان بازياب نه ٿي  سگهيا، 50 لک ڀنگ طلب، ان ڏس ۾ ڳوٺ الهوڌايو بڙدي جي رهواسي 2 مغوي نوجوانن واجد علي پٽ ڏنل بڙدي ۽ زبير پٽ خادم بڙدي کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، مغوين جي وارثن لعل محمد بڙدي، خادم بڙدي، ارشاد بڙدي، ڏنل بڙدي موجب ته ڌاڙيلن مغوي نوجوانن جي آزادي لاءِ  50 لک رپين جي گهر ڪئي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين ماري ڇڏڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهياآهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوي بازياب ڪرايا وڃن.