پريالوءِ(ن پ ا) پريالوءِ جي راندين جي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏي دلچسپي وارو سپر ليگ ٽورنامينٽ ڪاميابيءَ سان پنهنجي انجام تي پهتو، جتي ڀٽائي اليون شاندار راند جو مظاهرو ڪندي المدينه اليون کي فائنل مقابلي ۾ شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. فائنل ميچ پريالوءِ جي مقامي ميدان تي کيڏيو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان چونڊيل رانديگرن حصو ورتو. ڀٽائي اليون جي بيٽسمينن جارحاڻي بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 130 رنسون جو وڏو ٽارگيٽ مقرر ڪيو. جواب ۾ المدينه اليون جي ٽيم دٻاءَ جو شڪار ٿيندي صرف 70 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀٽائي اليون جي بالرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن سبب المدينه جي بيٽسمينن کي بي بس ٿيڻو پيو. بالنگ ۾ خاص ڪري نعيم احمد اوڍو جي ڪارڪردگي قابل تعريف رهي. ميچ جي هيرو جو اعزاز اسرار احمد کي ڏنو ويو، جڏهن ته پوري ٽورنامينٽ دوران نمايان رهندڙ رانديگرن کي به ايوارڊن سان نوازيو ويو. ان سلسلي ۾ نعيم احمد اوڍو کي بهترين بالر،اصلاح ميمڻ کي “بهترين بيٽسمين”، ۽ مبشر ابڙو کي “بهترين آل رائونڊر” قرار ڏنو ويو. ٽورنامينٽ جي پڄاڻيءَ تي هڪ رنگين تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ معزز مهمانن جي موجودگيءَ ۾ ڀٽائي اليون جي ڪپتان نصرالله اوڍو، ۽ عبدالغفار ميراڻي کي ٽرافي ۽ ڪيش انعام پيش ڪيو ويو. ساڳئي وقت ٻين نمايان رانديگرن کي به سندن شاندار ڪارڪردگيءَ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.پريالوءِ جي راندين سان وابسته حلقن ٽورنامينٽ جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون سرگرميون نوجوانن لاءِ مثبت اڳڀرائيءَ جو ذريعو بڻجن ٿيون.