پريالوءِ(رپورٽ: عمران اوڍو) پريالوءِ ويجھو ڪارنهن معاملي تان جلباڻي ۽ جاگيراڻي ڌرين ۾ تڪرار تيز، ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن جي هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ، علائقو نوگو ايريار بڻجي ويو، فائرنگ بند ڪرائڻ آيل چڱو مڙس قتل، تفصيل موجب جاگيراڻي ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ڪالهه ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، ان ڏس ۾ جلباڻي ڌر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ دوران جاگيراڻي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ محمد نواز جلباڻي زخمي ٿي پيو، ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ گاگڙي واسي چڱو مڙس ملان اسد سولنگي وچ ۾ آيو ته کيس مٿي ۾ گولي لڳي جنهن کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.