ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پريا ايڪشن ڪاميٽي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي پهرين مرحلي ۾29 جنوري تي سيمينار ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه پريا ايڪشن ڪاميٽي جي پريس ڪلب ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ 29 جنوري تي سيمينار ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، سيمينار ۾ پريا جا والدين به شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پريا جي آزادي لاءِ بلاول ڀٽو توڙي وڏي وزير، انساني حقن وارين تنظمين، عالمي ادارن کي خط لکڻ ۽ پريا جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ پريا جي بازيابي لاءِ ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد ۾ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ پهريون ڌرڻو تين تلوارتي ڌرڻو هنيو ويندو.