اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر مرحوم پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کان ڪيس جي ڪارروائي جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت خصوصي بينچ جي جوڙجڪ ۽ ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جو رڪارڊ به طلب ڪيو، سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سڀني اپيلن کي نمبر الاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ پرويز مشرف فوت ٿيڻ ڪري ان کانسواءِ باقي سمورين ڌرين کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو، حڪمنامي ۾ چيو ويو ته پرويز مشرف جا وارث چاهين ته ڪيس جو حصو ٿي سگهن ٿا، لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو اپيل هر جوابدار جو حق آهي، 3 سال 8 مهينا گذرڻ بعد اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ بدقسمتي آهي، چيمبر حڪمن باوجود اعتراضن خلاف اپيل مقرر نه ڪئي وئي ۽ درخواستگذار گذاري ويو. رجسٽرار جي اعتراضن خلاف پرويز مشرف جي اپيل منظور ڪئي ٿي وڃي، پرويز مشرف جي موت واري سزا خلاف اپيل تي 21 نومبر تي ٻڌڻي ٿيندي.