اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر مرحوم پرويز مشرف جي سزا بابت اپيلن تي سندس وڪيل کي گهر ڀاتين کان هدايتون وٺڻ لاءِ هفتو مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اڳوڻي صدر مرحوم پرويز مشرف جي سزا بابت اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي صدر طرفان وڪيل سلمان صفدر دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل کي چيو ته توهان کي پرويز مشرف پاڻ وڪيل مقرر ڪيو هو، چاهيو ته اپيل جي پيروي ڪري سگهو ٿا، ان تي سلمان صفدر چيو ته مون کي هدايتون ناهن، جيڪڏهن وڌيڪ هڪ هفتو ڏيو ته گهر ڀاتين سان رابطي جي ڪوشش ڪندس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي ڪو سول ڪيس ناهي جو توهان کي هدايتون کپن، هيءَ ڪرمنل اپيل آهي، جنهن جي عدم پيروي تي خارج ٿيڻ سان ناڪاري اثر ويندو، هن عدالت هاڻ وقت ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو منهنجي ذاتي راءِ ۾ پرويز مشرف جي سزا وارو فيصلو موجود آهي، معطل ناهي ٿيو، پرويز مشرف خلاف فيصلي جي صورت ۾ ان جي پينشنز ۽ مراعتن جو معاملو اٿندو. چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته سزا ختم ٿيڻ واري معاملي تي مدد ڪيو، ڇا خاص عدالت تي فوجداري ضابطو لاڳو ٿيندو آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو اميد ته توهان مائينڊ نه ڪندا پر اسان کي توهان مان اها اميد نه هئي، توهان دير جي درخواست ڏئي ڇڏيو ها، 4 سالن کانپوءِ اپيل لڳي ته توهان وقت گهري رهيا آهيو، ان تي وڪيل چيو ته مون کي رڳو هڪ هفتي جي مهلت گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ايندڙ ٻڌڻي تي پرويز مشرف جا وارث پاڻ پيش ٿين يا حلفي بيان جمع ڪرائين. عدالت سلمان صفدر کي پرويز مشرف جي وارثن جي ايڊريس ۽ فون نمبر ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته مشرف جي بيواهه ۽ پٽ دبئي ۾ آهن، سندس ڌيءَ ڪراچي ۾ آهي، انهن سان ڪو رابطو ناهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ڌيءَ جو پتو ۽ فون نمبر وٺي ڏنو وڃي، عدالت وارثن کي واٽس ايپ تي به نوٽيس موڪليندي، توهان دير تي زور ڏئي رهيا آهيو ته اسان ٻڌڻي ملتوي ڪيون ٿا پر اسان اهو خوشي سان نه پيا ڪيون. عدالت سلمان صفدر کي پرويز مشرف جي گهر ڀاتين کان هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي.