لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي گرفتاري واري ڪيس ۾ پيش نه  ٿيڻ تي آءِ جي اسلام آباد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس مرزا وقاص رؤف ۽ قيصر الاهي تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي ڊي آءِ جي آپريشن علي ناصر رضوي ۽ ڊي آءِ جي انويسٽي گيشن عمران ڪشور پيش ٿيا. پوليس آفيسرن پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ڪيو ويو. پرويز الاهي جي وڪيل جواب ڏسڻ لاءِ مهلت گھري، عدالت رمارڪس ڏنا ته اسان کي مناسب نٿو لڳي ته آءِ جي اسلام آباد کي اسين ڪنهن ٻئي طريقي سان گھرايون، جيڪڏهن الله ڪنهن کي عزت ڏني آهي ته ان کي برقرار رکي. سرڪار يوڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايس پي سڪيورٽي لاهور هاءِ ڪورٽ عمران اسلم معاملي جي جاچ ڪئي آهي،ا سلام آباد پوليس پرويز الاهي کي قانون موجب گرفتار ڪيو. عدالت جي حڪم تي آءِ جي پنجاب معاملي جي جاچ رپورٽ پيش ڪئي. جنهن موجب اسلام آباد پوليس قناون تحت پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو، پوليس آفيسرن لاهور هاءِ ڪور ٽجي حڪم جي مڪمل پاسداري ڪئي. عدالت آءِ جي اسلام آباد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 18 سيپٽمبر تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.