لاهور(م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي وڏو رليف ، نالو ايگزيڪيوٽو ڪنٽرول لسٽ مان ٻاهر ٿي ويو،لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري وڪيل رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جسٽس شمس محمود مرزا توهين عدالت جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، سرڪاري وڪيل رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيا ويا آهن، عدالت سرڪاري وڪيل جي رپورٽ جي روشني ۾ درخواستون اڪلائي ڇڏيون